دوبن دبان گهاٽي

دوبن/دبان گهاٽي: هي ماڳ تعلقي ٿاڻي بولا خان، ضلعي ڄامشوري ۾ 25˚26`60`` اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽67˚46`67`` اوڀر ڊگھائي ڦاڪ تي موجود آهي. هن ماڳ مان ڌاتو- پٿر دؤر جا آثار ملن ٿا. هي ماڳ لاکير ٽڪريءَ جي اڀرندي دامن ۾ آهي ۽ ماڳ ٽن ايڪڙن ۾ اتر- اوڀر ڊيگهه سان پکڙيل آهي. هتي وڏي تعداد ۾ ٺڪراٺو موجود آهي ۽ پٿر جي سنگريزن مان ٺهيل اوزار به ملن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو